ساره انصاري، ڊاڪٽر

ساره انصاري، ڊاڪٽر

ساره انصاري ڊاڪٽر

ساره انصاري، ڊاڪٽر: برطانوي اسڪالر ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ (Royal Holloway University of London) جي پروفيسر ۽ ريڊر، تاريخ جي شعبي جي سربراهه آهي. سندس تحقيق جو خاص موضوع ڏکڻ ايشيا جي موجوده تاريخ آهي، خاص ڪري انهن علائقن بابت سندس تحقيق اهم آهي، جيڪي هاڻي پاڪستان ۾ شامل آهن. سندس تحقيق جو دائرو توڙي مرڪز سنڌ آهي، جنهن ۾ خاص طور ڪراچيءَ ۾ ورهاڱي کانپوءِ عام ماڻهن ۽ رياست جي وچ ۾ تعلقات تي سندس نظر رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪيترائي مقالا لکي چڪي آهي. سنڌ بابت سندس ڪتاب ۽ ڪي مقالا هن ريت آهن:
(1) Political Legacies of Pre- 1947 Sindh (1991)
(2) Sufi Saints and State Power, The Pirs of Sind 1843-1947 (1992)
(3) Punjabis in Sind- Identity and Power (1995)
(4) Partition, Migration and Refugees- Responses to the arrival of Muhajirs in Sind after 1947 (1998)
(5)The Sind Blue Books of 1843-1844- The Political Laundering of Historical Evidence (2005)
(6) Life after Partition: Migration Community and Strife in Sindh 1947-1962 (2005)
(7) Mc Murdors Account of Sindh- An Introduction (2008)
ڊاڪٽر ساره انصاريءَ ڊاڪٽر اينيمري شمل کان تمام گهڻو متاثر ٿي ۽ کيس ڏکڻ ايشيا خاص ڪري سنڌ جي صوفي سلسلن ۾ دلچسپي پيدا ٿي.
2009ع ۾، جنوريءَ جي مهيني ۾، ڊاڪٽر ساره انصاريءَ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هال ۾ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ پاران ليڪچر پڻ ڏنو هو، جنهن جو عنوان سنڌ جي تاريخ هو. 2011ع ۾ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل اينڊ افريقن اسٽڊيز ۾ پڻ هوءَ سنڌ ۾ قومپرستيءَ جي موضوع تي ليڪچر ڏئي چڪي آهي.
سندس تحقيق جو مرڪز جديد سنڌ جي تاريخ آهي. سندس هڪ ڪتاب ‘Sufi Saints and State Power, The Pirs of Sind’ جو ترجمو حسين بادشاهه سومري ’پير ۽ برطانوي راڄ'>سنڌ جا پير ۽ برطانوي راڄ‘ عنوان سان ڪيو آهي، جيڪو ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو